صبا دشتياري

صبا دشتياري: مشھور اديب ۽ صحافي صبا دشتياري جو اصل نالو غلام حسين آهي، سندس جنم 1953ع ڌاري ڪراچيءَ جي لياري واري علائقي جي هڪ مڊل ڪلاس خاندان ۾ ٿيو. ادبي دنيا ۾ صبا دشتياري جي نالي سان مشھور ٿيو. هن فلاسافي ۽ اسلامڪ اسٽڊيز ۾ ايم. اي جون ڊگريون حاصل ڪيون. هن کي اردو، انگريزي، فارسي ۽ عربيءَ تي عبور حاصل هو. 1980ع ڌاري ڪوئيٽا يونيورسٽيءَ ۾ اسلامڪ اسٽڊيز جو ليڪچرر مقرر ٿيو ، جتان ترقي ڪري پروفيسر جي عُھدي تي پھتو. ڪوئيٽا يونيورسٽيءَ ۾ تدريسي عمل دوران هُن بلوچي زبان تي به عبور حاصل ڪري ورتو ۽ بلوچي ادب، تاريخ، شاعري ۽ ثقافت تي اٽڪل 24 کان وڌيڪ ڪتاب لکيا. هن ڪراچيءَ جي ملير واري علائقي ۾ سيد ظھور شاهه هاشميءَ جي نالي سان ريفرنس لائبريري پڻ قائم ڪئي، جنھن ۾ بلوچي ادب، ثقافت ۽ تھذيب بابت مختلف ٻولين ۾ 150,000 کان وڌيڪ ڪتاب موجود آهن. ان کان سواءِ هن گذريل 50 سالن ۾ ڇپيل بلوچي ادب جي فھرست ۽ ببليوگرافي پڻ مرتب ڪئي. سندس ڪتابن ۾: ’فلسفه اسلام يونان‘ (1985ع)، ’گلنارو چڪنڪار‘ (1990ع)، ’مطالعه فسلفه‘ (1993ع)، ’هون هوشامن‘ (1994ع)، ’بلوچي زبان آقيبات‘ (1998ع)، ’انگرين واهگ‘ (1999ع)، ’ترانا گاني بنزيھه‘ (2001ع)، ’بي تواريء دريا‘ (2002ع)، ’آس و آسيب‘ (2006ع) ۽ ’بلوچي زبان و لبزانڪ‘ 3 جلد. پھرين جون 2011ع تي اڻڄاتل هٿياربندن جي فائرنگ ۾ سخت زخمي ٿيڻ کان پوءِ ڪراچيءَ ۾ وفات ڪئي. سندس تدفين سيد ملنگ شاهه هاشميءَ جي مقبري واري احاطي ۾ ڪئي وئي.


لفظ صبا دشتياريھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو